لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان جاڙا واھ پوليس چونڪي وٽ موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فاروق جج سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ترت علاج لاءِ پرائيويٽ ڪار ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي نوجوان  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.