سکر(بيورو رپورٽ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي ماتحت لا ڪاليجن جي شاگردن جا ٽن سالن کان امتحان نه ٿيڻ وارو معاملو، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار، يونيورسٽي انتظاميا کي جلد امتحانن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم، انسپيڪٽر ڪاليجز ڏانھن شوڪاز نوٽيس جاري، ايندڙ ٻڌڻي تي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي پيش ٿيڻ جو حڪم. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ماتحت لا ڪاليجن جي شاگردن طرفان ٽن ورھين کان امتحان نه وٺڻ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ھدايتن موجب بند پيل ڪاليجن مان رجسٽرڊ ڪاليجن ۾ منتقل نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذارن جي وڪيل نثار احمد ڀنڀرو عدالت کي ٻڌايو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪاليجن جي سوين شاگردن کان ٽن سالن کان امتحان نه ورتو پيو وڃي. نتيجي ۾ اميدوارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي، وڪيل نثار احمد ڀنڀرو عدالت کان استدعا ڪئي ته قمبر، جيڪب آباد، ڪشمور، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي، ڪنڊيارو، نوشھروفيروز جي بند پيل ڪاليجن جي شاگردن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت متبادل رجسٽرڊ ڪاليجن ۾ منتقل ڪري کين امتحان ناھن ورتا. مرزا خان لا ڪاليج پنوعاقل ۽ ٻين ڪاليجن جي وڪيل شبير احمد شر عدالت کي ٻڌايو ته پنوعاقل ڪاليج جي رجسٽريشن بحال ٿي چڪي آھي پر ھن وقت تائين يونيورسٽي انتظاميا امتحانن جي شيڊول جو اعلان ناھي ڪيو، جنھن ڪري سوين شاگرد پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن، جنھن تي يونيورسٽي انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي جلد لا ڪاليجن جو امتحاني شيڊول جاري ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر خليل احمد ابوپوٽو کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏنا تہ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندس گرفتار وارنٽ جاري ڪيا ويندا. جڏھن ته عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ تي عدالت انسپيڪٽر ڪاليجز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڇو نه توھان تي توھين عدالت جو ڪيس ھلايو وڃي، جنھن کان پوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.