سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) پاران يونيورسٽي اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. وي سي ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ناڪام، احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو. ان موقعي تي سلوٽا  اڳواڻ پروفيسر اختيار گهمرو، پروفيسر حسام الدين شيخ، احمد علي ميمڻ، ملازم ايسوسيئيشن اڳواڻ قلندر بخش بوزدار ۽ ٻين چيو ته پگھار، پينشن، ليو انڪيشمينٽ سميت ورهين جون رهتون ادا نه پيون ڪيون وڃن. يونيورسٽي اختيارين ڪافي ڀيرا خاطري ڪرائڻ باوجود ڪابه عملي اڳڀرائي نه ڪئي آهي. استاد، آفيسر، ملازمن هن مهانگائي جي دور ۾ به پگهار کان محروم آهن. يونيورسٽي لکين رپين جون رهتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. احتجاج دوران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسلر خليل ابوپوٽو استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وٽ پهچي ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اداري جي سربراهه چيو ته رقم نه اچڻ سبب پگهار ۾ صرف هڪڙو ڏينهن دير ٿي آهي، صبر ڪرڻ بجاءِ احتجاج ڪرڻ بهتر ناهي، مون سميت ڪنهن کي به پگهار ناهي ملي، جيڪڏهن ڪنهن پگهار کنئي آهي ۽ توهان کي ناهي ملي ته احتجاج سمجهه ۾ اچي ٿو. هن مظاهرين سان مخاطب ٿيندي چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻن ۾ ته حاضري وڌيڪ هجي ٿي، ان قسم جي حاضري ڊپارٽمينٽس ۾ ڇو ناهي هوندي. هن مظاهرين کي خاطري ڏياري ته مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي ساٿ جي ضرورت آهي، يونيورسٽي جي آفيسرن، ملازمن ۽ استادن کي پگهارون جلد ملي وينديون. ڳالهين بعد سلوٽا، آفيسرن ۽ ملازمن ايسوسيئيشن اڳواڻن گڏجاڻي ڪوٺائي يڪراءِ فيصلو ڪيو ته جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. وائيس چانسلر مسئلن جي حل ۾ سنجيده ناهي.