سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) شاهه عبداللطيف خيرپور ۾ ڀرتين دوران مبينا قاعدن، ضابطن جي ابتڙ ۽ من پسند ۽ ويجهن مائٽن کي نوازڻ جا الزام. اميدوارن پاران سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن  ليٽر لکي الزام مڙهيا ويا، اختيارين معاملي جو نوٽيس ورتو، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڀرتيءَ لاءِ ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن محمد اسلم ڪورائي ۽ محمد بچل ڪورائي سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اماڻيل درخواست ۾ سنگين قسم جا الزام مڙهيا آهن، وڏي وزير ڏانهن اماڻيل شڪايتي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي رجسٽرار  مارچ 2021 ۾ بي پي ايس 18، 19، 20 ۽ 21 هين گريڊ ۾ پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار جي ڀرتي لاءِ اشتهار ڏنو هو. هنن الزام مڙهيو آهي ته 2, 3 ۽ 4 جولاءِ تي انٽرويو ڪال بجاءِ مختصر مسييج من پسند اميدوار کي اماڻيو ويو. ڪافي قابل، ميرٽ تي پورا لهندڙ اميدوار رهجي ويا، انهن کي ٻڌايو ئي نه ويو، اسڪروٽني ڪاميٽي قاعدن جي ابتڙ ايسوسيئيٽ پروفيسر لاءِ گهربل تجربو، پي ايڇ ڊي جي ڊگري، هيڪ پاليسي کي نظر انداز ڪيو. لکيل خط ۾ الزام مڙهيو ويو آهي ته شاہ عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ڀرتين ۾ قاعدن ۽ ضابطن، هيڪ جي هدايتن جي لتاڙ ڪندي من پسند، ويجهن مائٽن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. الزام مڙهيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو جي ڌي انيلا، اسسٽنٽ رجسٽرار سڪندر جانوري جي زال عذرا انصاري کي 19 گريڊ، ڊائريڪٽر ڪيمسٽري مشتاق علي جکراڻي جي پٽ شاهد جکراڻي، وي سي جي پي اي شازيه سولنگي کي به 19 گريڊ جي نوڪري، سينڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر ارم راني جي ڀيڻ ۽ ٻين کي قاعدن، ضابطن جي ابتڙ، گهربل ڊگرين، تجربن جي ابتڙ ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. الزامن مطابق 18, 19, 20, 21 گريڊ جون 240 کان وڌيڪ مقرريون ڪيون ويون، جن ۾ قاعدن قانونن جي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنهنجن کي نوازيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اماڻيل شڪايتي خط ۾ اهو به الزام مڙهيو ويو آهي ته ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنس ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پروفيسر تاج لاشاري جي ٻن نياڻين سنڌو تاج کي زولاجي، ناهيد تاج کي ايجوڪيشن ۽ پٽ منصور کي 16هين گريڊ ۾ ايڊمنسٽريشن ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير اميدوارن جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري يونيورسٽي ۽ بورڊ ڊپارٽمينٽ کي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.