سکر (بيورو رپورٽ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي استاد، آفيسر ۽ ملازم تنظيمن طرفان ڪالهه مظاھرو ڪري ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هڻي پنجين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو. مظاھرين پگھار نه ملڻ ۽ رھتون ادا نه ڪرڻ تي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر فنانس ۽ رجسٽرار خلاف نعريبازي ڪئي وئي. اِن موقعي تي ڳالهائيندي سلوٽا طرفان اختيار گھمرو، حسام الدين شيخ، آفيسرز ايسوسيئيشن جي فرحان لطيف ميمڻ، ملازم يونين جي قلندر بخش بوزدار ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽيز ۾ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي پگھارون ڏنيون پيون وڃن پر لطيف يونيورسٽي ۾ ھن وقت تائين پگھار ناھي ملي. ان کان علاوه ليوِ انڪيشمينٽ سميت لکين رپين جون رھتون به ادا نٿيون ڪيون وڃن. اهڙي صورتحال ۾ استاد، آفيسر ۽ ملازم سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن. مظاھرين واضح ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.