خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ حاڪم ڦلپوٽو پينل کٽي ورتي، قلندر بخش بوزدار پينل 71 ووٽن تان هارائي ويو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ ۾ شهيد راڻي پينل 407 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته سچل سرمست پينل 71 ووٽن تان هارائي ويو. ڪامياب ٿيل شهيد راڻي پينل جي عهديدارن ۾ صدر حاڪم علي ڦلپوٽو، نائب صدر سفير عباس شاهه، جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد سميجو، جوائنٽ سيڪريٽري غلام ڪٽوهر، پريس سيڪريٽري لطيف ڏنو پهوڙ، خزانچي لياقت علي ڏوگر ۽ آفيس سيڪريٽري جي عهدي تي مقصود احمد نظاماڻي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته سچل سرمست پينل تي صدر جي اميدوار قلندر بخش بوزدار سميت سمورو پينل هارائي ويو. هوڏانهن شهيد راڻي پينل جي ڪاميابي کانپوءِ چونڊيل عهديدارن ۽ حمايتين طرفان خوشيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.