حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پارکو، سنڌي ٻولي ۾ گيت جي شاعر ۽ زرعي سائنسدان مير محمد پيرزادي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي جنهن ۾ ساڃاهه وندن مير محمد پيرزادي کي لفظن جي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. حيدرآباد ۾ ورسي جي تقريب سنڌ ڪلچرل فورم ۽ سنڌ هيومنٽي فورم جي سهڪار سان منعقد ٿي جنهن ۾ ڳالهائيندي اديب منصور قادر جوڻيجي، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، ساجد سنڌي، ديدار شاد گوپانگ، براڊ ڪاسٽر طالب حسين مغل، افضل سولنگي ۽ ٻين چيو ته مير محمد پيرزادو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو وڏو پارکو ۽ سنڌي ٻولي ۾ گيت جو ٻهڳڻو شاعر هو. سندس گيت تمام خوبصورت تشبيهن سان من موهيندڙ آهن. هن جي گيتن ۾ رقص ۽ رومانس سان گڏ وطن جي وارثي ۽ ڌرتي ڌڻين جا درد توڙي پيڙائون به ملن ٿيون. هو بنيادي طور تي سنڌ پرست شاعر هو. سندس سوچ جو محور سنڌ، رقص ۽ رومانس هو. هنن چيو ته مير محمد پيرزادي جي گيتن جا ڪيترائي مجموعا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن جن کي پڙهندڙن طرفان وڏي پذيرائي ملي آهي. هو پنهنجي ٻولي ۾ گيت جو شاعر هجڻ سان گڏ زرعي سائنسدان به هو ۽ هن زرعي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ ۾ ڪم ڪندي ڪيتريون ئي ڪڻڪ جون جنسون متعارف ڪرايون. اهڙا ماڻهو ڌرتي جو مان هجن ٿا. هو جسماني طور ته سنڌ کان جدا ٿي ويو پر سندس فهم، فڪر، ڪم ۽ ڪردار تاريخ ۾ سدائين زندهه رهندو. تقريب ۾ شاعر افضل سولنگي ترنم سان گيت ٻڌائي مير محمد پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي.