ڪراچي (نمائندن وٽان+م ڊ) پشاور بار ۾ ناليواري قانوندان لطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ملڪ جي سمورين عدالتن ۾ وڪيلن بائيڪاٽ ڪيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سينيئر وڪيل لطيف آفريدي جي قتل کي وڏو نقصان قرار ڏئي ڇڏيو، خبر موجب ڪراچي ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي بار پاران الڳ الڳ جنرل باڊيز جا اجلاس ڪوٺائي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، حيدرآباد ۾  عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ ۽ لاڳاپيل عدالتن ۾ وڪيلن ڪيسن جي پيروي نه ڪئي، سکر ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هاءِ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ قربان ملاڻو، علي گل عباسي، راهب ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر رفيق ابڙو، نائب صدر محمد زمان جاگيراڻي، جنرل سيڪريٽري امان الله لهر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار طرفان وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو، مٽياري ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو  بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪيسن جي پيروي نه ڪئي، شھدادپور ۾ وڪيلن عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري مصطفيٰ سومرو، ايڊوڪيٽ فياض، طاهر ياسين راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڊگھڙي تعلقه بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن انور خاصخيلي، دائود لغاري، فدا حسين آرائين، ڪنور لال پرھياڙ، بي ڪي ڀٽي، دليپ ڪمار عامر ملڪ ٻين جي اڳواڻي ۾ بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ويا، اڳواڻن لطيف آفريدي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته لطيف آفريدي جي شخصيت تمام وڏي هئي، چيف جسٽس وڪيل افتخار گيلاني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا لطيف آفريدي جو واسطو ڪوهاٽ سان هو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته لطيف آفريدي جو واسطو فرنٽيئر ريجن سان هو، کيس بار روم ۾ قتل ڪيو ويو، مون کي ان واقعي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو ته لطيف آفريدي جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي.