اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبداللطيف آفريدي جي قتل وارو مامرو سينيٽ ۾ پهچي ويو، جنهن تي ڳالهائيندي قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عبداللطيف آفريدي کي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو آهي،  امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، صوبائي حڪومتون امان جي صورتحال تي ڌيان ڏين، سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي جو بار جي اندر اسلحو ويو، اڄ ايوان ان لاءِ قرارداد پاس ڪري، ان جي ڪيس ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي، واقعي تي چيئرمين سينيٽ ڪي پي ڪي پوليس جي آءِ جي کان جواب طلب ڪري ورتو،  سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته سينيئر وڪيل  جي قتل جي واقعي جي جيتري مذمت ۽ افسوس ڪجي گهٽ آهي، دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ان تي ايوان ۾ بحث ڪيو وڃي.