حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي يونين ڪاميٽي 96 تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا اميدوار پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن. جڏهن ته ڄاڻايل يونين ڪميٽي جي هڪ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جي ماڻهن پيپلزپارٽي ۾ باضابطه طور شموليت جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي عبدالجبار خان جي رهائشگاهه تي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پ پ ايم پي اي عبدالجبار خان، ارشد عرف گڊو مري سميت ٻيا مقامي اڳواڻ شريڪ ٿيا. تقريب دوران يونين ڪميٽي 96 تي چيئرمين طور فارم ڀرائيندڙ حضور بخش ۽ ايم ڪيو ايم جي شاهد علي بروهي پيپلزپارٽي جي اميدوار حق نواز ميرجت جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته ڳوٺ الله بخش بروهي، عبدالرحمان شيخ، رمضان ڇٽو، حبيب فارم، محمد ڇٽو، کوسا ڳوٺ ۽ ملاح ڳوٺ سميت هڪ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کي الوداع چئي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب دوران ڳالهائيندي ڳوٺاڻن رمضان بروهي، نٿو ميگهواڙ، رحيم بخش بروهي ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي پاران کين يقين ڏياريو ويو آهي ته هو سندن ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ڪوشش ڪندي ان لاءِ انهن لاڳيتو نظرانداز ڪندڙ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي.