سکر (بيورو رپورٽ) لا ڪاليجن ۾ امتحان نه ٿيڻ وارو معاملو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي امتحاني شيڊول عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، درخواست جي ٻڌڻي 27 سپٽمبر تائين ملتوي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ آغا بدرالدين لا ڪاليج سکر جي شاگرد آغا صورت خان طرفان امتحان نه وٺڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنھن دوران شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته سکر سميت 8 لاڪاليجز جي شاگردن کان 20 جنوري 2022 وارو امتحان 20 آڪٽوبر 2022 تي ورتو ويندو، جنھن تي درخواست گذار عدالت کي استدعا ڪئي ته امتحان وٺڻ تائين درخواست نه اُڪلائي وڃي، جنھن تي عدالت درخواست جي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رھي ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ڪنٽرولر جي پيش نه ٿيڻ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھو.