لاھور ۾ منھنجي ملاقات بابت افواھ پکڙيا پيا وڃن، جھڪڻ وارو ناھيان: عمران خان

0
177
پي ٽي آءِ سربراهه

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) مونکي اسٽيبلشمينٽ جي نه پهرين ضرورت هئي، نه هاڻي آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته منهنجي طرفان آرمي چيف کي مُدي ۾ واڌ جي آڇ ٿيڻ تائين اُهي فيصلو ڪري چڪا هئا ته رجيم چينج کي نه روڪيو ويندو، هو روڪي سگهن پيا، پر ائين نه ڪيو

مارچ کي خطاب ۽ ھڪ بيان ۾ عمران خان جو چوڻ ھو ته ايوانِ صدر ۾ ملاقات بابت عمران خان چيو ته آرمي چيف سان ٿيل اها ملاقات ڳجهي نه هئي، رڳو اُن کي پبلڪ نه ڪيو، ملاقات جي هڪ ئي ايجنڊا هئي ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن

عمران خان چيو ته چيف جسٽس بُنيادي حقن جو تحفظ نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو، شهباز گِل تي تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي ها ته اعظم سواتي تي تشدد نه ٿئي ها، قوم چيف جسٽس ڏانهن ڏسي رهي آهي، غلام رڳو سٺو غلام ئي ٿيندو آهي، اسان رڍون ۽ ٻڪريون نه آهيون جو هر فيصلو قبول ڪريون

لاھور ۾ منھنجي ملاقات بابت افواھ پکيڙيا پيا وڃن، اسان جي واپسي جو سبب اھو ھو تھ لاھور ويجھو ھو ۽ اسان رات جو مارچ نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو

ھن جو چوڻ ھو تھ 6 مھينن کان ھڪ ئي مطالبو آھي تھ فوري شفاف ۽ آزاد چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي، مارچ جو مقصد چونڊون ڪرائڻ آھي، افواھن تي ڌيان نھ ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سازشون تيار ڪيون ويون آهن: عمران خان

جن ادارن عمران خان کي پاليو، اڄ انهن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، ڪپتان جو مارچ خوني آھي: وزيراعظم