ڪراچي (دلچسپ نيوز) ريئل مي ڪجهه مهينا اڳ 7 سيريز جا فونز متعارف ڪرايا هئا ۽ مارچ 2021ع ۾ ان جي اپ ڊيٽ ويزن 8 سيريز کي پيش ڪيو ويو.پر هن وقت ريئل مي 8 سيريز ۾ 5 جي سپورٽ فراهم ناهي ڪئي وئي.اِهو ئي سبب آهي جو هاڻ ريئل مي 8 فائيو جي کي متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڪمپني موجب ڪجهه صارفن 5 جي نه هئڻ تي ڊيوائس وٺڻ کان انڪار ڪيو.واضح رهي ته هي نئون فون ريئل مي 8 کان گهڻو مختلف آهي.هن نئين فون ۾ 5 جي سپورٽ فراهم ڪندڙ ڊيمينسٽي 700 پراسيسر موجود آهي جيڪو 2.77 جي بي پي ايس اسيڊ تائين انٽرنيٽ هلائڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو جڏهن ته 4 جي ماڊل ۾ هيليو جي 95 پراسيسر موجود آهي.فون جي اندر 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري آهي جيڪا ڪمپني موجب 21 ڪلاڪ مسلسل ويڊيو هلائي سگهي ٿي يا ڪيترن ئي ڏينهن تائين ميوزڪ پلي بيڪ ڪري سگهجي ٿو.فون سان گڏ 18 واٽ چارجر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 4 جي ماڊل سان گڏ 30 واٽ چارجر ڏنو پيو وڃي.ريئل مي 8 فائيو جي ۾ 6.5 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.فون جي بيڪ تي 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرائن تي ٻڌل سيٽ موجود آهي جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ لڪيل آهي.فون جي اندر 4 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي کان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.هن فون کي سڀ کان اڳ ٿاءِ لينڊ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جتي هن جي قيمت 320 ڊالر لڳ ڀڳ 49 هزار رپيا رکي وئي آهي.