لاڳيتو 2 هفتا ننڊ ڪندڙ نينگري “سليپنگ بيوٽي” قرار

0
392

جڪارتا (دلچسپ نيوز) لاڳيتو 2 هفتا ننڊ ڪندڙ نينگري “سليپنگ بيوٽي” قرار ڏني وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جي ڏاکڻي صوبي ڪالي مانتن ۾ 17 ورهين جي ايڪا لاڳيتو 13 ڏينهن ننڊ ڪري ٿي. ايڪا پهريون ڀيرو جڏهن لاڳيتو 7 ڏينهن ننڊ ڪئي ته ڀاتي پريشان ٿي ويا جنهن بعد نينگري کي اسپتال آندو ويو، سندس سموريون ٽيسٽون مثبت آيون، جنهن سبب ڊاڪٽر سندس بيماري جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيا. آهستي آهستي نينگري جي نند جو وقت وڌندو وڌندو 13 ڏينهن ٿي ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايڪا دماغي بيماري هائپر سومنيا ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان بيماري سبب ڪنهن به وقت ننڊ اچي ويندي آهي ۽ پوءِ جيسيتائين دماغ مڪمل سڪون حاصل نه ڪري وٺندو آهي ته ننڊ به پوري نه ٿيندي آهي. نينگري جي ننڊ بابت خبرون وائرل ٿيڻ بعد مٿس دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن ٻئي طرف ايڪا کي “ريئل لائيف سليپنگ بيوٽي” ۽ ڪالي مانتن صوبي جي ڌيءُ قرار ڏنو ويو آهي.