سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي وفاق جي واويلا اجائي آهي، لاڪ ڊائون اين سي او سي جي مشاورت سان لڳايو: مرتضيٰ وهاب

0
173
سرفراز احمد ڪاليج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي وفاق جي واويلا اجائي آهي، لاڪ ڊائون اين سي او سي جي مشاورت سان لڳايو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته وڏي وزير وفاقي وزير اسد عمر ۽ فيصل سلطان سان ڳالهايو هو ۽ اين سي او سي کي ڪورونا صورتحال کان باخبر ڪيو، وفاقي حڪومت ايئن نه چيو ته لاڪ ڊائون نه لڳايو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاق بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بندش جي اجازت نه ڏني، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، هاڻي چيو وڃي ٿو ته اهو اختيار سنڌ حڪومت جو ناهي، هن چيو آهي ته پنجاب ۾ لاڪ ڊائون تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو، لاڪ ڊائون معيشت نه صحت جو معاملو آهي، ڊاڪٽرز جي مشاورت سان لاڪ ڊائون لڳايو آهي، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام کي قائل نه ٿا ڪري سگهو ته انتشار به نه پکيڙيو، پريس ڪانفرنس جي دوران مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي ختم ڪرڻ اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪريانه، بيڪري، سبزي، گوشت ۽ کير جي دڪانن جو وقت تبديل ٿيندو، وئڪسنيشن وڌائڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ به کليل رهندي، جيڪڏهن ڪنهن شادي هال ۾ تقريب ٿي ته اُن کي 30 ڏينهن لاءِ سيل ڪيو ويندو.