مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم ڇاپا ھڻي 5 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اويس گل سومرو جي اڳواڻي ۾ لاکڙا ڪول مائنز جي مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا ته ڪلينڪن جي عطائي ڊاڪٽرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي جنھن سبب 5 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪيون ويون عالم شير پٺاڻ, احسان پٺاڻ ,انور پٺاڻ ,عدالت پٺاڻ ۽ ملڪ عجب خان پٺاڻ جون ڪلينڪون سيل ڪيو ويون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سنڌ ڊاڪٽر اويس گل سومرو جو چوڻ ھيو ت عطائي ڊاڪٽرن جو آزار وڌي وڃڻ جون شڪايتون ملڻ تي ڪارروائي ڪري عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪيون آهن.