ڀٽ شاهه (ن پ ا) لاکيڻي لطيف جي 279 ھين عرس مبارڪ جون رسمون جاري رهيون. اڄ قائم مقام  سجادھ نشين سيد خاور حسين شاھ لطيفي جي طرفان درگاھ جي صحن ۾ ڌاڳن جي رسمن جي اختتامي تقريب ادا ڪئي ويندي ۽ مريدن کي زيارت ڪرائي اجتماعي دعا گھري ويندي. جڏھن ته ثقافت کاتي طرفان سيڪريٽري ثقافت ڄام نسيم الغني سھتو ، ڊي جي عبدالعليم لاشاري ۽ اديبن جو وفد ڏينھن جو 12 بجي درگاھ ڀٽائي تي چادر چاڙھي حاضري ڀريندو ۽ ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ھال ۾ تقريب ڪوٺائي وئي آھي.  ٻئي پاسي مختلف شھرن مان آيل پانڌيئڙن پاران ڀٽ ڌڻي جي مزار تي حاضري ڀري دعائون گھريون پيون وڃن. برسات ۽ ٻوڏجي صورتحال سبب پانڌيئڙن جو تعداد ھر سال جي ڀيٽ ۾ گھٽ آيو آھي. زائرين جي تفريح لاءِ مٺائي جا دوڪان ۽ اسٽال به سجايا ويا جتي پانڌيئڙا ۽ شھري ميلي جي بازار ۽ شو لائين ۾ سرگس ، موت جو کوھ ۽ جھولن تي تفريح وٺي رھيا آھن دوڪاندارن ۽ واپارين پاران پانڌيئڙن جي گھٽ اچڻ جون دانھون ٿيڻ لڳيون آھن ۽ انھن جو ڪاروبار به گھٽ ٿيڻ لڳوآھي عرس مبارڪ دوران سرڪاري تقريبون نه ٿي سگھيون آھن ۽ ملاکڙي جا شوقين مايوس نظر اچن پيا اڄ عرس مبارڪ  جو آخري ڏينھن آھي. ٻئي پاسي درگاھ ڀٽائي تي پھتل پانڌيئڙن جي اڪثريت پاران سھولتون نه ملڻ جون دانھون ڪيون ويون آھن ، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان آيل زائرين جو چوڻ آھي ته برسات ۽ ٻوڏ تباھي ڪري ڇڏي آھي وڏي مشڪل سان ھر سال جيان حاضري تي پھتا آھيون مگر درگاھ تي سخت گرمي سبب فقط شاميانا لڳايا ويا آھن پنکن جي ڪا سھولت ناھي کاڌي پيتي ، صفائي جي به ڪا سھولت نه ڏني وئي آھي انتظامي، صرف دعوائن ۾ پوري آھي اسان سالن کان ايندڙ پانڌيئڙا آھيون پر درگاھ ڀٽائي تي زائرين کي ميلي دوران سموريون ضروري سھولتون ملڻ گھرجن ،