لاکاروڊ (ن پ ا)  لاکا روڊ ۾ نوجوان مڇر مارڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪري ورتو، زميندار عبيد الرحمان ڏاهري موٽرسائيڪل ۾ الٽريشن ڪري مڇر مارڻ لڳو، ان ڏس ۾ لاکاروڊ واسي زميندار عبيد الرحمان  ڏاھري موٽر سائيڪل جي سائلنسر ۾ ڊيزل ۽ مڇر مار دوا هڪ بوتل ۾ وجهي هن کي هڪ پائيپ ذريعي سائلينسر ۾ لڳائي موٽر سائيڪل کي اسٽارٽ ڪيو ته  ان مان مڇر مار اسپري جي مشين وانگر دونهون نڪتو، ان حوالي سان نوجوان چيو ته ان دونهين سان مڇر مري ٿو.