لاکاروڊ (ن پ ا)  ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران “سنڌ سان درد جو رشتو ” جي سري هيٺ   اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان  لاکاروڊ ۾ سگھڙ سوڀارو ڀٽي جي ميزباني ۾  سگھڙ ڪچهري ڪوٺائي وئي،  جنهن ۾ سگھڙ سوڀارو ڀٽي، امير علي راڄپر، اشتياق علي جويو ،عبدالجبار ڀٽي، سگهڙ عبداللطيف راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي، ڪچھري ۾ شرڪت ڪندڙ سگهڙن چيوته  ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان اسان نئين شاعري ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ پوري سنڌ جي برسات متاثرن جون تڪليفون ۽ درد بيان ڪيو ويو آھي.