ٽنڊوباگو (ن پ ا) سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ساريال جي پوکيءَ واري علائقي جو پاڻي بند ڪري لاڙ کي برپٽ بنائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ائين ڪرڻ سان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ رحمان نهڙي، مهراڻ درس رامجي ڪولهي ۽ ٻين تنظيمي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هاري اڳواڻن جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت سنڌ جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي قومي وسيلن ۽ ڌرتي کي به ڪرسي خاطر تين وال ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ هٿ وٺي سمورن کاتن کي غير فعال بنايو ويو آهي، جنهن ڪري معصوم ٻارن ۽ نياڻين سان جنسي ڏاڍاين جا واقعا ۽ بدامني ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بدين ضلع جي سم نالين ۽ واهن جي جلد صفائي ڪرائي خريف جو پاڻي گهرج مطابق ڏنو وڃي. ان موقعي تي سنڌي هاري تحريڪ ضلعي بدين جون تعلقي باڊيون ٽوڙي آرگنائزنگ ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سومار هاليپوٽو، ماڻڪ ٽالپر، ايسرداس، ستو ڪولهي، مهراڻ درس، هريرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي.