ٺٽو/ ڳاڙهو / ڪيٽي بندر (نمائندا) چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت ٺٽي ۽ ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي سميت برساتن سبب پاڻي ھيٺ متاثر ٿيل ڳوٺن ۽ علائقن جو دورو ڪري امدادي ڪمن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي فوري طور تي دوائون، پيئڻ جو پاڻي، راشن، تنبو ۽ ٻين گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ امدادي ڪارروائي برسات کان پوءِ متاثرن جي سندن گھرن واپسي تائين جاري رکي وڃي جڏهن ته هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن جي آس پاس آبادين کي به محفوظ هنڌن ۽ رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو وڃي ۽ کين رليف سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.هن اها به هدايت ڪئي ته جلد کان جلد نقصانن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن متاثرن جي فوري مدد کي يقيني بنائي سگهجي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري عوام جي شڪايتن تي ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري کي هدايت ڪئي ته مرف جي ڪارڪردگي ۽ شڪايتن بابت تفصيلي رپورٽ فوري طور تي پيش ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ڪاروائي ڪري سگهجي. علائقي جي معززين ۽ متاثرين جي درخواست تي چيف سيڪريٽري لاڳاپيل آفيسرن ءُ بندن کي پيل گهارا بند ڪرڻ سميت ٻين ڪمزور بندن جي مرمت جا حڪم جاري پڻ ڪيا.