شادي لارج(ن پ ا) لاڙ جي مشهور ڍنڍ نريڙي تي آيل پرديسي پکين جو شڪار جاري آهي. شعيب چنا نالي شڪاري پاران ناياب نسل جي پکين جو شڪار ڪرڻ جا ڦوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن، جنهن بعد ساڃاهه وندن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي.ان ڏس ۾ عطا چانڊيي جاويد منڌري حيدر ڪاتيار ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته بدين ضلعي ۾ پرديسي پکين جي آمد بعد شڪاري روز جي بنياد تي شڪار ڪري پرديسي پکين جو قتلم عالم ڪري رهيا آهن جيڪو غير قانوني آهي هنن چيو ته سيراڻي، احمد راڄو، روپا ماڙي، ٻھڊمي، ڪڍڻ، شيخاڻي گھاڙي، بڙ جو ڍورو، ڪونجسر ڪانٽو جي آس پاس علائقن ۾ پرديسي پکي پهچي ويا آهن پر شڪاري انهن جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته انتظاميا شڪار روڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪري.