لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري پوليس لهر ڪالوني ۽ ڪورائي ڪالوني ۾ ڇاپا هڻي فحاشي ڦهلائڻ جي الزام ۾چئن عورتن ۽ چئن مردن کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ميڊيا کي ٻڌايو ته ريحانه منگي، سيمان، صنم ماڇي، حميره شيخ، مظهر ملاڻو، عاشق کوکر، گلزار سيال ۽ احمد بروهي کي فحاشي الزام ۾ گرفتار ڪري جاڪيون ٿا، گروهه ۾ ٻيا به ملوث نڪتا ته انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.