لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شيخ زيد وومين اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل مريضن جو بهتر علاج نه ٿيڻ تي مريضن جي وارثن جون دانهون، ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ سون واهه جي رهواسڻ ڳورهاري عورت شاهه جهان زال مجاهد اوڍو کي 2 ڏينهن اڳ سندس وارثن مئل ٻار جي آپريشن لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران مبينا طور آپريشن نه ٿيڻ توڙي اسپتال مان نيڪالي ڏيڻ واري عمل خلاف عورت جي وارثن اسپتال ٻاهران عورت سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت جي ڀاءُ عامر علي اوڍو پنهنجي پيرسن امڙ امداد خاتون اوڍو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسان جي ڀيڻ شاهه جهان ڳورهاري هئي جنهن جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿيو ان بعد اسان پنهنجي پئسن تي ٽيسٽون ڪرايون جنهن ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي ان تي ٻه ڏينهن اڳ اسان کيس شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ ڀيڻ کي بهتر علاج نه ڏنو ويو ۽ نه ئي کيس دوائون ڏنيون ويون اسان پنهنجي خرچ تي انجيڪشن ۽ دوائون خريد ڪري ٽيسٽون به ڪرايون آپريشن جي لاءِ ڊاڪٽرن کي چيو ته انهن انڪار ڪري اسان مٿان ايف آءِ آر ۽ گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عورت جو آپريشن ڪري سندس حياتي بچائي وڃي. هوڏانهن شيخ زيد وومين اسپتال جي عورت ڊاڪٽرن ٻڌايو ته عورت جي وارثن ليڊي ڊاڪٽرن سان منهن ماري ڪري گٿا لفظ ڳالهايا جنهن ڪري اسان کين نيڪالي ڏني آهي.