لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب 5 ورهين جي ٻارڙي حنا ڌيءَ اياز تنيو سڙي سخت زخمي ٿي پئي،رڙين تي گهر ڀاتين پهچي ٻارڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو.ڪراچي نيئندي انڊس هاءِ وي پکو ويجهو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.لاش ايمبولينس ۾ رکي اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي فوتي ٻارڙي جي چاچي آصف تنيو صحافين آڏو دانهيو ته ڀائيٽي گهر ۾ پيل بيڊ تي راند کيڏڻ دوران ماچس جي تيلي ٻاريندي باهه لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال کڻائي آياسين جتي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪو به ڊاڪٽر يا ڊسپينر موجود نه هو. ڀائيٽي ڏيڍ ڪلاڪ تڙپندي رهي .ڀائٽي کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پکي فوت ٿي وئي، هن چيو ته چانڊڪا اسپتال ۾ ڪي به طبي سهولتون ناهن، ڊاڪٽرن ۽ ڊسپينسرن کي ڳولهيندا رهياسين پر چيو ويو ته اڄ آچر آهي ڊاڪٽر ۽ عملو موجود ناهي. ٻئي پاسي ٻارڙي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.