لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ نالين جو گندو پاڻي روڊن تي تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهيون آهن، ان حوالي سان شهرين اختر، سليم، جنيد،آصف علي، ابرار الحق ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اسان وٽ گذريل 3 ڏينهن کان نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي، نالين جي صفائي ٽائيم نه ٿيڻ ڪري روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، شڪايتن باوجود ميونسپل انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته گندگي ۽ ڪنو پاڻي بيهڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن، نوٽيس وٺي ڪالوني مان صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.