لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر جي ايم ابڙو کي گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ 13 استادن جا معطلي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. گسٽا وفد مرڪزي اڳواڻ علي انور عسڪري، عابد شاهه، ممتاز شاهاڻي، جسقم اڳواڻ اطهر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ منٿ قافلو پ پ اڳواڻ جميل سومرو جي ڀاءُ منير سومرو وٽ پهتو. اڳواڻن معذرت ڪندي چيو ته اسين ميڙ وٺي توهان پهتا آهيون ٺاهه ڪيو.پ پ جي مقامي قيادت ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪري ڪو جواب ڏينداسين.ٻئي پاسي گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي گرفتاري ۽ استادن جي معطلي خلاف  چوٿين ڏينهن به ڌا ڌار ڌڻا هنيا ويا.شهناز مغل، رضوانه سرهيو، آپا شمل کوکر، ثريه عباسي، نسرين سانڊاڻو، علي انور عسڪري، مظهر سومرو جو چوڻ هو ته گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جميل سومرو جي تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو، جنهن ڏوهه ۾ان مٿان دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي .هنن چيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري احتجاج ڪرڻ تي 13 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.هوڏانهن  گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر جي ايم ابڙو جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي اڄ کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.