لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا لاڙڪاڻو

0
322
پاڪستان ۾ ڪورونا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ ٻه ڏينهن اڳ داخل ٿيل شڪارپور ضلعي واسي 50 ورهين جو عبدالستار پٽ راضي خان ڏيٿو، گذريل آچر ڏينهن داخل ٿيل شهر جي ڦل روڊ واسي 54 ورهين جي عورت سلميٰ خاتون زال لياقت سانگي ۽ پهرين مئي تي داخل ٿيل شهر جي نئون ديرو چوڪ واري علائقي جو رهواسي 65 ورهين جو حاجي محمد صادق پٽ مبارڪ علي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا جن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي فوتين جي تدفين ايس او پيز تحت ڪئي وئي.