لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيرسن بيواهه هير بليدي پنهنجي پٽ مختيار سان گڏجي پريس ڪلب آڏو اٺين ڏينهن به احتجاج ڪندي دانهيو ته پٽ مجاهد بليدي ڪراچي جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو ڪم ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي 12 سيپٽمبر تي دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. پٽ جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي نه ئي ان مٿان ڪو ڪيس داخل آهي.