لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات دير سان ڦر مزاحمت تي زخمي ٿيل پيرسن دم ڏئي ڇڏيو،  جاچ شروع، ان ڏس ۾ گذريل  رات دير سان شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلا ۾ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري اڌڙوٽ حاجن جوڻيجو کي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي اڌڙوٽ کي کڻاڻي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي صبح جي وقت حاجن جوڻيجو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي  ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول  جي پٽ سرفراز جوڻيجو ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، بيگناهه منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو ويو آھي. هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف سول لائين ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري لاهوري محلي واسي  حاجن جوڻيجو کي گولي هڻي فرار ٿي ويا، جيڪو  اسپتال ۾ فوت ٿيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعو ڦر جو لڳي رهيو آهي، واقعي جي جاچ مختلف رخن کان ڪري رهيا آهيون.