لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڏوهي وارداتن ۾ واڌ، شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين 4 ڪلاڪن دوران 2 مختلف وارداتن ۾ سوا 55 لک رپيا ڦر ڪري پوليس جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، پوليس شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾  لاڙڪاڻي شهر جي غريب نواز هوٽل ٻاهران اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن موبلنڪ فرنچائيز جي ملازم ارباب علي مگسي کي يرغمال بڻائي 25 لک 23 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي، جنهن بعد ايس ايس پي  ڊاڪٽر محمد عمران واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور جاءِ واردات تي پهچي واقعي بابت فرنچائيز مالڪ ۽ ملازم کان تفصيل ورتا، ٻئي پاسي واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ منظر عام تي اچي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورو ملازم کان روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تي فرار ٿي رهيا آهن، هوڏانهن ڦر واري واقعي بابت فرنچائيز جي ملازم ارباب مگسي ٻڌايو ته  صبح جي وقت آءُ فرنچائيز تان پئسا کڻي بئنڪ وڃي رهيو هئس ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن اسان کان 25 لک 23 هزار رپيا ڦر ڪيا، هوڏانهن 4 ڪلاڪن بعد ساڳي ئي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پراڻي اناج منڊي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن ڏوڪري جي کوکر پاڙي جي رهواسي گيهه ۽ کنڊ جي واپاري منور علي کوکر کان 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. متاثر واپاري منور کوکر ٻڌايو ته آءُ پنهنجي ڀائٽي سان گڏجي هڪ دڪان تان پئسا کڻي ٻئي دڪان ۾ اهي پئسا ڏيڻ لاءِ ويس جنهن دوران 3 ٻٽ ٻڌل هٿياربندن منهنجي ڪار جو گهيرو ڪري ويا، جن مان هڪ هٿياربند ڪار جي سامهون بيٺو ۽ ٻن هٿياربندن يرغمال بڻائي مون کان 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ٻي طرف   ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران ٻڌايو ته واقعن بعد آءُ جاءِ واردات جو معائنو ڪري فرنچائيز مالڪ ۽ متاثر واپاري کان تفصيل وٺڻ سان گڏ شاهديون گڏ ڪيون ويون ويون،  هن ٻڌايو ته ٻنهي واقعن جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي حيدري اسد الله ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جلد  ڦورن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته پوليس  مختلف علائقن مان ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ورتا آهن.