لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پرڏيهي وزير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سفري سهولت لاءِ ڏنل  پيپلز بس سروس ھلڻ شروع ٿي ويون.جميل احمد سو مرو، ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ۽ صحافين جي ٽيم پريس ڪلب صدر ظفر ابڙو جي اڳواڻي ۾ سفر ڪيو.  ان موقعي تي پ پ چيئرمين جي پوليٽڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جو چوڻ ھو ته پيپلز بس سروس عوام لاءِ تحفو آھي جنهن ۾ 12 ننڍيون ۽ چار وڏيون بسون شھر جي مختلف روٽن تي هلنديون جنهن مان عوام مناسب ڪرائي تي سفر ڪري فائدو حاصل ڪندو. ٻئي طرف آرٽي سيڪريٽري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شھر اندر 16 بسون هلنديون جنهن ۾ 12 ننڍيون بسون 4 وڏيون بسون آھن جيڪي شھر جي مختلف روٽن تي هلنديون هن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اڃان تائين گاڏين جا روٽ ترتيب نه ڏنا ويا آھن جيڪي 10 محرم الحرام کان بعد انجا روٽ تشڪيل ڏنا ويندا.