لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت جي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي طرفان ٽن مهينن جي عرصي کان پوءِ لاڙڪاڻي جي شهرين کي سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري شروعاتي طور تي هڪ ئي روٽ تي 4  بسون هلايون پيون وڃن، پهرين ڏينهن شهرين نيو بس اسٽينڊ کان قائد عوام يونيورسٽي تائين سفر ڪري سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ واري قدم جي واکاڻ ڪئي. ان حوالي سان پيپلز بس جي پيپلز بس سروس جي سپروائيزر رياض رند ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي طرفان لاڙڪاڻي جي شهرين کي سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پيپلز بس سروس جي شروعات ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي لاءِ 16 بسون ڏنيون ويون آهن جن مان في الحال چار بسون هڪ ئي روٽ تي هلايون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته  پهرين ڏينهن روڊن ڀرسان بيٺل ريڙهي وارن جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ سان اسان کي مشڪلاتون پيش آهيون. ان لاءِ انتظاميه کي آگاهه ڪيو آهي.