لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ زنگيجا واسي پورهيت گهر ڀاتين سان گڏجي بااثر جي  ظلم ۽ زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت راشد علي جتوئي پنهنجي گهر واري رباب خاتون ۽ ڌيءَ ڪرن جتوئي سان گڏجي دانهيو ته بااثر اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڌمڪيون ملي رهيون آهن،   دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، انصاف ڪيو وڃي.