لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي عهديدارن ارشاد تونيو، اشفاق ڌامراهه جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته لاڙڪاڻو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر بنا هلي رهيو آهي، سوين استاد پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ پريشان آهن، جنهن معاملي کي ڪيترائي ڀيرا وس وارن آڏو اٿارڻ سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ بيچ ۾ هڪ پٽيشن به داخل ڪئي وئي، جنهن کي 8 مهينا ٿي چڪا آهن، پر هن وقت تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، لاڳاپيل اختيارين سان رابطن جي باوجود ڪنهن جي ڪن تي هن وقت تائين ڪا به جوء ناهي چري.  هنن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر نه هجڻ واري معاملي ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺي بجيٽ خرد برد ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو معيار ڪيرائيندڙ ۽ ماڻهن جو سرڪاري تعليمي ادارن تان اعتماد ختم ڪرڻ وارن ڳجهن هٿن کي وائکو ڪيو وڃي.