لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مھراڻ ڪالوني واري علائقي ۾ بجلي جي ٽرانسفارمر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڪري پاڙي واسي سنتوش ڪمار جي گهر جو سولر سسٽم ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون سڙي ويون، باهه جي شعلن سبب علائقي واسي خوف وچان ٻاهر نڪري آيا، جن سيپڪو ۽ فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر عملو بروقت نه پهتو، جنهن ڪري علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي ۽ واري ذريعي باهه تي ضابطو آندو، متاثر سنتوش ڪمار چيو ته سالن کان وٺي بجلي جو ٽرانسفارمر منهنجي گهر ڀرسان پيل آهي، جنهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سيپڪو اختيارين کي چيو آهي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، جنهن ڪري گذريل رات منهنجو سولر سسٽم ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ سڙي ويون.