لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ عميره پنهنجي ننڍي ڀيڻ نيها اعواڻ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته  پهرين رمضان تي هٿياربندن ناني محمد نواز جتوئي کي گوليون هڻي قتل ۽ ناني زينت کي زخمي ڪيو، اهڙو ڪيس مارڪيٽ ٿاڻي تي ڳوٺ حمزو  جتوئي واسي آصف، عبدالغني، الهرکيو جتوئي ۽ ٻين مٿان داخل ٿيو. هن الزام لڳايو ته ايس ايچ او مارڪيٽ گهر تي چڙهائي ڪري امڙ شمعه خاتون، ڀينرن ۽ کير پياڪ ڀاءُ کي تشدد جو نشانو بڻائي والد عبدالعزيز اعواڻ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، خدشو آهي ته پوليس کيس فل يا هاف فراءِ ڪندي.ٻئي طرف ايس ايچ او مارڪيٽ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزام بي بنياد آھن، عبدالعزيز اعواڻ اسان وٽ گهربل ناهي نه ئي انکي اسان گرفتار ڪيو آھي.