لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو شهر جي نئون ديرو چوڪ ڀرسان عبدالله ڪالوني ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي ۾ راند کيڏڻ دوران 12 ورهين جو نينگر ثاقب پٽ واجد منگي ٻڏي ويو، نينگر جي رڙين تي وارثن پهچي کيس برساتي پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف فوتي نينگر جي والد واجد منگي دانهيو ته تازو طوفاني برساتن کي بند ٿيندي 25 ڏينهن گذري ويا آهن پر انتظاميا هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي، پاڻي نيڪال ڪرائي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.