لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد صديقي ڪالوني جي مسجد مان نينگر شيراز پٽ لطف جمالي جو هٿ ۽ پير ٻڌل  لاش هٿ آيو،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو. ان موقعي تي لطف جمالي جو چوڻ هو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، شيراز  9 ڪلاس جو شاگرد هو، جيڪو صبح وقت گهران نڪرڻ بعد واپس نه پهتو ته گهڻي ڳولابعد پٽ جو لاش پنهنجي محلي جي مسجد مان مليو، جنهن کي رسو ٻڌي تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، لاش ڀرسان رت جا نشان به آھن.ٻئي طرف حيدري پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر تي تشدد ٿيل آھي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي، مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد قتل ۾ ملوث جوابدار کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو ويندو.