لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي نانگ ڪکيل نوجوان ڀائيٽي فوت ٿيڻ بعد جي ايم ايل او کي مارڪٽ ڪئي وئي، جڏھن تھ ايم ايس جي آفيس اندر مڇريل ماڻهن جي ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي

ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي واقعي خلاف هڙتال ڪري ڇڏي، جنھن سبب مريض رُلي ويا آھن

عنايت عمراڻي چيو آهي ته منهنجي ڀائيٽي پريسا عمراڻي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب موت جي منهن ۾ هلي وئي، ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ چوڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون

فوت ٿيل ناري جي وارثن الزام ھنيو تھ اسپتال ۾ وئڪسينز موجود ناهن، ايم ايس ڪرپٽ ماڻهو آهي

ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو الزام رد ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، فوتي ناريءَ جي وارثن تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي

ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو چيو تھ پوليس اطلاع باوجود بروقت نه پهتي، ايف آءِ آر بدران رڳو اين سي داخل ڪئي وئي آهي