لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ طرفان برک اديب، شاعر، ناول نگار،  محقق ۽ لطيف جي پارکو سرمد چانڊيو جي وڇوڙي تي سيتا ولاز هائوس ۾ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شريڪ شاعرن، اديبن ۽ ساڃاھوندن ميڻ بتيون ٻاري سرمد چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪئي، بعد ۾ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي. گڏجاڻيءَ ۾ ناليواري ليکڪ ۽ محقق جيئل اوڏ ڳالھائيندي چيو ته سرمد چانڊيو ٻاجهارو، حساس دل، مٺڙو ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو ھو ليکڪ عطاءُ ﷲ انڙ چيو ته سرمد کي ماڻهن سونو چانڊيو جي روپ ۾ ئي ڏسڻ پئي گهريو پر ھو پنھنجي محنت ۽ ڏاھپ سان علم ۽ ادب جا انمول گر سکي سرمد چانڊيو بڻجي ويو. ڪهاڻيڪار يامين بلوچ، ليکڪ نثار شاھين، فقير محمد سنڌي، ڪوڙل قربدار ، رئوف عباسي، ڪامل امداد جتوئي، ڊاڪٽر الطاف آسي، خاور قبولائي، عزيز نواز ھليو، اظھر مجيد به سرمد چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪئي، ميزبان سيڪريٽري استاد گل دايو هو، نوجوان راڳي نواز ميراثي گيت جهونگاري داد ماڻيو. عيسيٰ ميمڻ، شھمير سومرو، خليق ميمڻ، علي حسنين ميمڻ، تشڪيل مير بحر، لياقت پنھور سميت ٻين شرڪت ڪئي.