لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون، رٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي فارم بحال ٿيڻ کان پوءِ اميدوارن پارٽي ٽڪيٽ لاءِ ڊڪ ڊوڙ سان گڏ سياسي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان لاڙڪاڻي شهر جي چئن ٽائون ڪاميٽن تي مشتمل 20 يونين ڪاميٽين سميت تعلقي جي 13 يونين ڪائونسلن تان چونڊ وڙهندڙ چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ جنرل ڪائونسلر جي اميدوارن طرفان رات جي اونداهي ۾ چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جتي سندن اوطاقن تي رش هئڻ سان گڏ علائقي جي معززن  سان گڏجاڻيون به هلندڙ آهن. اميدوارن طرفان رات جي اونداهي ۾ علائقي جي معززن ۽ چڱن مڙسن سان ملاقات ڪري حمايت حاصل ڪئي پئي وڃي ۽ علائقي ۾ تعزيت توڙي ڏک ونڊڻ جو به سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب اڄ بحال يا رد ڪيل نامزدگي بابت اپيلون داخل ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي جنهن کان پوءِ اپيلينٽ ٽربيونل ۾ انهن اپيلن جي ٻڌڻي پڻ ٿيندي.