لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ناري شازيا ڏاهري پنهنجي امڙ ملوڪان ۽ ڀاءُ دانش لغاري سان گڏجي دانهيندي چيو ته مهينو اڳ شادي هنڱورجا جي ڳوٺ سکيو ڏاهري واسي نويد ڏاهري سان ٿي، مڙس ۽ ساهرا پيڪين وڃڻ جي اجازت نه  ڏيندا هئا. هن چيو ته ننڍي ڀيڻ جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مڙس ۽ ساهرن کان اجازت گهري ته مڙس نويد، ڏير پرويز ڏاهري، سس زرينه، نڻانن سورج، نغمه، نجمه، ريشما، ڏيرياڻين راحيلا ۽ شبانا تشدد جو نشانو بڻايو.کاٻي ٻانهن، هٿ ۽ آڱريون ٽٽي پيون آهن، هٿ جي هڪ آڱر پڻ ڪٽجي وئي آهي، مٿو ڦاٽي پيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ٽاڪا لڳل آهن، مان هلڻ گهمڻ کان لاچار ٿي وئي آهيان،ملوڪان صحافين کي ٻڌايو ته ڌيءَ شازيه کي مڙس ۽ ساهرن بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڊرامو رچايو ته هوءَ پير ترڪڻ سبب معمولي زخمي ٿي پئي آهي، پهتس ته گمس ۾ بيهوشيءَ واري حالت ۾ ملي، ان کي لاڙڪاڻي پنهنجي گهر کڻائي آيا آهيون.