لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) نئون ديرو جي ڳوٺ شهمير ڏاهاڻي، شيخ جي وانڍ، موريا فقير ۽ ڳوٺ سيٺارجا جي رهواسي  آبادگارن نصر الله شيخ، گدا حسين شيخ، مولا بخش ڏاهاڻي، اڪرم ڏاهاڻي، اڪبر علي جي اڳواڻي ۾لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هرسال ساريالي فصل جي پوکائي لاءِ دادو ڪينال ۾ 25 مئي تائين پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، آگسٽ مھينو شروع ٿي چڪو آهي.پاڻي کوٽ سبب اسان جو پوکيل ٻيجارو سڙي رهيو آهي، زمين سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. هنن چيو ته دادو ڪينال جو انجنيئر مهيش ڪمار اسان جي ڳالھ نه پيو ٻڌي.انجنيئر جي رهائشگاھ سامهون پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ملڻ نه آيو.فون تي 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.نوٽيس وٺي دادو ڪينال جي انجنيئر کان سخت پڇاڻو ڪري پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان پاڻ کي احتجاجن باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.