لاڙڪاڻو (ن پ ا) پوليس ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ، اھلڪار پنهنجي اميدوار کي موٽرسائيڪل تي کڻي ڊوڙ ڪرائي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ھڪ اي ايس آء پنهنجي اميدوار کي ڊوڙ دوران موٽرسائيڪل تي کڻي ڊوڙ ۾ پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، وڊيو ۾ ظاھر آهي ته ٻيا اميدوار ۽ انهن جا وارث اھلڪار سان منهن ماري ڪن ٿا، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ اميدوارن جو چوڻ آهي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، گذريل ڏھاڙي به ھڪ اھلڪار پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، پاڪستان ٽيسٽنگ بورڊ توڙي پوليس اختيارين معاملي جو نوٽيس نه ورتو. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ترديد ڪري ڇڏي، ايس ايس پي عمران قريشي جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي ڊوڙ ڪرائڻ واري وائرل وڊيو جو جائزو ورتو آهي، جيڪا سکر جي آهي، ايس ايس پي موجب لاڙڪاڻي ۾ ڊوڙ ڪرائڻ لاءِ سنگل روڊ آهي، وائرل ٿيل سوشل ميڊيا واري وڊيو لاڙڪاڻي جي ناھي، لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڀرتي دوران سيڪورٽي جا بھتر انتظام ڪيا ويا آهن.