لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ معذور نوجوان نوڪري نه ملڻ تي مايوس ٿي پنهنجي ڊگرين، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي باهه ڏئي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پوليو جي مرض ۾ مبتلا شمس الدين ڀٽو دانهيو ته منهنجي تعليم بي  ايس سي ۽ مون کي 7 ٻار آهن هن وقت مسواڙي جڳهه ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي بيروزگاري سبب 3 مهينن جي مسواڙ ڏئي نه سگهيو آهيان. هن چيو ته مون معذور ڪوٽا جي نوڪري لاءِ ڪيترن ئي کاتن ۾ درخواستون جمع ڪرايون پر هن وقت تائين مون کي معذور ڪوٽا جي نوڪري نه ملي آهي. هن چيو ته نوڪري لاءِ مون ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي جنهن آفيس سپريٽنڊنٽ سان ملڻ جو چيو پر هن به کتو جواب ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته سالن کان بيروزگاري کان تنگ ٿي اڄ احتجاج طور پنهنجي ڊگرين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا جي نوڪري ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت آءُ پريس ڪلب اڳيان گهر ڀاتين سميت باهه ڏئي خودڪشي ڪندس جنهن جي ذميواري پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٿان هوندي.