لاڙڪاڻي ۾ مال جي واڙي کي باهه، ھڪ ڪار ۽ 5 چنگچي رڪشا سڙي ويا

0
207
مال جي واڙي کي باهه

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي شھرجي ميرو خان چوڪ تي يوسف آباد محلي ۾ قائم واڙي کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، واڙي ۾ بيٺل ھڪ مھراڻ ڪار، 5 چنگچي رڪشا ۽ ھڪ موٽر سائيڪل سوڌو سامان پڻ سڙي ويو

ان موقعي تي واڙي مالڪ اعجاز چانڊيو، ڌڻي بخش بروهي، اعجاز قريشي، سراج احمد چانڊيو، حاجي وزير چانڊيو چيو ته فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر وقت سر نه پھچڻ تي لکين روپين جو سامان سڙي ويو، اسان جي ٿيل نقصان جي مدد ڪري انصاف ڪيو وڃي.