لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ پوليس جسقم جي ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي ضلعي صدر طارق ڪورائي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر مظهر مغل کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو کي وليد پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، فراز کهاوڙ، عامر کهاوڙ، دودو سومرو، زوهيب سومرو جو چوڻ هو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس جسقم جي ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي ضلعي صدر طارق ڪورائي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر مظهر مغل کي دوکي سان ٿاڻي تي گهرائي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وليد پوليس جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو کي به کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، پوليس جون اهڙيون ڪاروائيون اسان جي آواز کي دٻائي ۽ جهڪائي نه ٿيون سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جسقم جي اڳواڻن کي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جون سرگرميون ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مٿان في الحال ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو جن کان جاچ هلندڙ آهي.