لاڙڪاڻي ۾ قهر جي گرمي، سينٽرل جيل ۾ سڄو ڏينهن بجلي بند، قيدين جو بئرڪن وڃڻ کان انڪار

0
231
سينٽرل جيل ۾ سڄو ڏينهن بجلي بند
لاڙڪاڻي ۾ قهر جي گرمي، سينٽرل جيل ۾ سڄو ڏينهن بجلي بند، قيدين جو بئرڪن وڃڻ کان انڪار

لاڙڪاڻو:  سينٽرل جيل ۾ سيپڪو طرفان بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاڙهي واري  گرميءَ سبب قيدين ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇائنجي وئي، قيدين بئرڪن ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪيترن ئي قيدين جي گرمي سبب حالت خراب ٿي وئي، جتي قيدي هٿ وارا پکا استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آھن ۽ پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري قيدين کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو. قيدين پاران بجلي  جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو.

ان حوالي سان قيدين جو چوڻ هو ته جيل اندر صبح کان بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري بجلي بند ڪئي وئي آهي جنهن ڪري جيل ۾ سخت گرمي سبب اسان پريشان ٿي ويا آھيون،

سمورو ڏينهن  بجلي بند ٿيڻ بابت جيل انتظاميه کي شڪايت ڪئي پر هو اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري ڪيترن ئي قيدين جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ اسين جيل ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي فراهم ڪئي وڃي نه ته بئرڪن ڏانهن نه وينداسين.

ان حوالي سان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل انتظاميه ٻڌايو ته سينٽرل جيل ۾ لڳل هيوي ٽرانسفارمر خراب ٿي پيو آهي ان لاءِ سيپڪو آفيس شڪايت ڪئي آهي تمام جلد ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي بجلي بحال ڪرائي ويندي.