لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ فلاحي اداري جي ڊي سي فائونڊيشن طرفان ٻوڏ ۽ برسات سٽيل متاثرن لاءِ شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڪراچي مان ٽرڪن جي ذريعي سوين ٽينٽ اسٽيڊيم ۾ لڳائي اتي متاثرن کي ترسائڻ جو عمل جاري آهي، ان حوالي سان جي ڊي سي فائونڊيشن جي رضاڪارن ٻڌايو ته سنڌ واسين مٿان هي ڏکيو وقت آهي، جنهن ۾ نه صرف سرندي وارا پر عام ماڻهو به اڳتي اچن جيئن وڌ کان وڌ متاثرن جي واهر ڪري سگهجي.